LIVE

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 40 پلس پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن طرفان

👁 1 Views 📅 03 Aug 2026
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس 40 پلس پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن طرفان شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ شهر جي جناح باغ اندر اڻڄاتل مدي تائين لڳايل احتجاجي ڪيمپ ۾ نائين ڏينهن به پنهنجو احتجاج جاري رکندي مرد ۽ عورت اميدوارن پاڻ کي علامتي ڦاهو ڏئي مظاهرو ڪيو، جتي هنن بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ويٽنگ اميدوارن صدام سانڊاڻو، فريد عباسي، مريم عباسي، غلام صغريٰ لهر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي احتجاج کي اڄ 406 ڏينهن گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين ڪو به چونڊيل نمائندو اسان وٽ ناهي پهتو ۽ نه ئي انتظاميه طرفان مسئلن جي حل جي ڪا خاطري ڪرائي وئي آهي پر ان جي باوجود اسان جا حوصلا بلند آهن ۽ اسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ مرڻ گهڙي تائين احتجاج ڪنداسين. هنن چيو ته تعليم کاتو 97 ھزار کان وڌيڪ استاد ڀرتي …